حديقه غلبه

حديقه غلبه

حديقه غلبه

حديقه غلبه (قلمي نسخو): هي قلمي نسخو مير علي شير قانع ٺٽويءَ جو مرتب ڪيل آهي، جنهن ۾ هن مختلف سنڌ، هند ۽ ايران جي فارسي شاعرن جا غزل الڳ الڳ عنوانن ۽ مختلف قافيه ۽ رديف تحت گڏ ڪيا آهن. هن ۾ ڪٿي ڪٿي مير علي شير قانع ٺٽويءَ پنهنجا به غزل ڏنا آهن. ڪتاب جي شروعات هيئن ٿئي ٿي:
”صائب مطلب روئي دل از...“
۽ اختتام هن ريت ٿئي ٿو:
”...فراوان مکن برتن خود ستم“
147 صفحن تي مشتمل هي قلمي نسخو خط شڪسته ۾ ڪتابت ٿيل آهي. شروع ۽ آخر وارا پنا ضايع ٿي وڃڻ ڪري ڪتابت جي سال جي خبر نه ٿي پوي، پر ايترو چئي سگھجي ٿو ته ڪتابت خود مير علي شير قانع ٺٽويءَ جي ٿيل آهي. هي قلمي نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي قلمي نسخن ۾ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو